سنڌ

ناظم جوکيو قتل ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ناظم جوکيو قتل جو ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سومر تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ناظم جوکيو قتل جي ڪيس ۾ دائره اختيار بابت فيصلو ٻڌائيندي ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جوابدارن جي وڪيل پاران ڪيس سيشن ڪورت منتقل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي، جوابدارن جي وڪيل درخواست ۾ موقف ڏنو هو ته ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم لاڳو نٿا ٿين، پراسيڪيوشن، ڪيس جو مدعي ۽ مقتبول ناظم جوکيو جي زال ۽ جاچ آفيسر جوابدارن جي موقف جي تائيد ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کي ڪيس جو چالان سيشن عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جوابدارن جي وڪيل چيو ته ڪيس جي چالان مان ڄام عبدالڪريم، ڄام اويس سميت 13 جوابدارن جا نالا خارج ڪرڻ جي سفارش تي ڪو فيصلو نه ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button