سنڌ

چڪ ويجهو زمين مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو زخمي، احتجاج

چڪ ويجهو ڳوٺ عبدو ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، هٿياربندن هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. چڪ ويجهو ڳوٺ عبدو ۾ سولنگي ۽ ڀيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار سبب هٿياربندن بٽ ھڻي پيرسن محمد اقبال سولنگي کي زخمي ڪري ڇڏيو. زخمي کي چڪ پوليس ليٽر ڏئي لکي غلام شاهه اسپتال منتقل ڪيو. هوڏانهن سولنگي ڌر جي ماڻھن محمد اقبال سولنگي، محمد ايوب، نثار احمد، خير محمد، حسنه، اختيار خاتون ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي چيو ته جوابدارن احسان ڀيو، منظور ڀيو، عبدالله ڀيو، مٺل عرف جلال ڀيو ۽ ٻين ڳرا هٿيار کڻي اسان جي ننڊ ستل گهر ڀاتين تي حملو ڪري ڏنو، جنهن سبب معصوم ٻارڙن توڙي عورتن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا. هنن چيو ته 17 ويسا زمين اسانجي کاتي جي تي جوابدار قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. هنن ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button