سنڌ

سڪرنڊ ويجهو درويش صفت نوجوان گم، وارث سخت پريشان

سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ نهال لاشاري جو رهواسي 21 ورهين جي درويش صفت نوجوان گم ٿي ويو. سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ نهال لاشاري واسي نوجوان رجب علي عرف رجو لاشاري مهيني کان سڪرنڊ مان گم ٿي ويو. ڳولا باوجود ڪو پتو نه پئجي سگهيو. نوجوان نهال لاشاري جي پي پير بخش لاشاري ۽ سندس ما احتجاج ڪندي چيو ته اسان جو نوجوان پٽ درويش صفت انسان آهي جيڪو مهينو اڳ گهران سڪرنڊ لاءِ نڪتو هو، جيڪو واپس نه موٽيو آهي، ڪافي ڳولا ڪئي آهي پر اڃا تائين هٿ نه اچي سگهيو آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوجوان کي ڳولڻ ۾ مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button