سنڌ

سنڌي قوم کي ذهني طور غلام بڻايو ويو آهي:علي زيدي

اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آ سنڌ جي صدر علي زيدي پي ٽي آءِ اڳواڻ ڏاڏا الله بخش خان انڙ جي رھائشگاھه انڙ ھائوس علي آباد ۾ بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ پي ٽي آ اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جو مطالبو صاف ۽ شفاف اليڪشن آهي، ھن چيو ته شيرين مزاري کي گرفتار ڪرڻ، عالمگير ۽ منهنجي گھر پوليس موڪلڻ بوکلاھٽ آهي. ھن چيو ته سنڌي آزاد قوم آهي، جنهن کي ذھني غلام بڻايو ويو آهي. ھن چيو ته اسان لا پھريان اھو مسئلو ھو ته اسان کي اميدوار نه ملندا ھئا ۽ ھاڻي ھڪ کان وڌيڪ پي ٽي آ کي اميدوار ملي رھيا آھن. هن چيو ته هتي 15 سالن کان آصف زرداري ۽ پ پ جو قبضو آهي جيڪو اسان جي ٻچن جو حق پنهنجي پيءُ جو حق سمجهي کايو ويٺو آهي. آصف زرداري هر وقت اها پلاننگ آهي ته بينظير ڀٽو ۽ مرتضى ڀٽو جي قاتلن جي ڪنهن کي خبر نه پوي. هن چيو ته مان چيري بلاسم نه آهيان، هنن دنيا جي نمبر ون ايئر لائين پي آئي اي ۾ ڀرتيون ڪري تباهه ڪري ڇڏيو، جتي هڪ هزار ماڻهن جي ضرورت هئي، اتي 8 هزار ڀرتي ڪيا ويا. هن چيو ته هنن سنڌ جي تعيلم تباهه ڪري ڇڏي آهي هاڻي اسان کي پنهنجي نسلن کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. عمران خان انهن ڪرپٽ مافيا خلاف نڪري پيو آهي، انشا الله 32 کان 48 ڪلاڪن تائين حڪومت ٽڪي نه سگهندي. ان موقعي تي ڏاڏو الهخبش خان انڙ، مبين خان جتوئي، علي ڏنو عرف سانول خان انڙ، خرم خان انڙ، ناهيد کهاوڙ، سردار ظفر سانگي، اياز ڀاڳت، آغا شمس ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button