يارولنڊ جي مختلف شاخن گاجي مائينر، پتافي مائينر، ڪنڍو مائينر، ماهي واهه ۾ پاڻي نه پهچڻ تي آبادگارن غلام مرتضيٰ لنڊ، شاهه علي مهر، درياخان لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ يارولنڊ کان ميرڪوش ريگيوليٽر تائين موٽرسائيڪلن ڪارن جي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. آبادگارآڳواڻن جو چوڻ هو ته يارولنڊ جي ڀرپاسن جي ڪيترن ئي واهن ۽ شاخن ۾ هن مهل تائين پاڻي نه پهچي سگهيو آھي، پاڻي نه پهچڻ سبب لکين ايڪڙ زمين غيرآباد پيل آھي ۽ فصل نه پوکجي سگهيو آھي، پاڻي نه هجڻ ڪري هتي جانور به اڃ وگهي مري رهيا آھن. آبادگارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گهوٽڪي ضلعي جا واهه جتي بااثرن جو زمينون آھن انهن ۾ ته پاڻي ڇڏيو ويو آھي پر اسان جي علائقن جون شاخون اڃا تائين بند آھن اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن اسان فصل ٽائيم سان پوکي سگهون. آباگار ميرڪوش ريگيوليٽر تي چار ڪلاڪ نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل رهيا. ڌرڻي واري هنڌ انجنيئر آبپاشي خورشيد کوکر پهچي ڳالهيون ڪيون، آباگارن جا مطالبا تسليم ڪندي بند پيل شاخن م هڪ کان ٻھ فٽ پاڻي ڇڏيو ويو. آبادگارن جو مطالبو تسليم ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو. آبپاشي عملدارن موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي گهٽ آھن، ان ڪري گهوٽڪي فيڊر ۾ جيڪو پاڻي آھي، اهو پوري ضلعي جي واهن ۽ شاخن ۾ حصي مطابق پاڻي ڏيئي رهيا آھيون، انشا الله جلد پاڻي جي کوٽ ختم ٿي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close