جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد خالد محمود سومرو لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي چئن ڊويزن جي اٽڪل 14 ضلعن ۾ بلدياتي چونڊن جي لاءِ تياريون جاري آهن. هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر، صوبائي اليڪشن ڪمشنر، چيف سڪيريٽري ۽ ٻين کي خط لکي گرمي پد چيڪ ڪرڻ جو چيو آهي. اميدوار ايڏي گرمي ۾ چونڊ مهم هلائڻ، ووٽر مائرون۽ ڀينرون 5 ڪلاڪن تائين گرمي ۾ ڪيئن بيهنديون، بلدياتي اليڪشن کي روڪيو وڃي گرمين بعد اليڪشن ڪرائي وڃي جيئن ووٽر گهرن مان نڪري سگهن. هن چيو ته آر اوز ماتحت آفيسر سنڌ حڪومت جا نوازيل آهن اقربا پروري جي ڪري منظور نظر آفيسر اسڪروٽني ڪري رهيا آهن تنهن ڪري پيپلز پارٽي جي اميدوارن جا نامزدگي فارم منظور ۽ مخالفن جا رد ٿي رهيا آهن. گذريل چونڊن ۾ جي يو آءِ 1100 اميدوارن کي ميدان ۾ لاٿو جن مان 480 اميدوار ڪامياب ٿيا هن ڀيري اهو تعداد ٻيڻو آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم سان معاهدو مون نه ڪرايو، معاهدي ۾ ڪٿي به سنڌ ورهائڻ جو لکيل ناهي هن چيو ته عمران نيازي جي امڙ خلاف نازيبا ٻولي استعمال ڪئي وئي، منهنجي ٻه سال پراڻي ويڊيو ته نظر آئي پر پي ٽي آءِ وارن صحافين، جرنيلن جي مائرن ۽ ڀينرن جي عزت کي پائمال ڪيو، عمران خان ججن، مريم نواز، صحافين کان معافي گهري ته پوءِ آءُ به معافي گهرڻ تي سوچيندس.
راشد محمود سومرو