باقراڻي ويجهو هٽڙي غلام شاهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ پراڻي آباد وٽ تيز رفتار موٽرسائيڪل ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ ٻانهون خان جتوئي واسي 12 ورهين جو شفقت علي پٽ اختيار ۽ سندس پڦاٽ 13 ورهين نينگر حاجي پٺاڻ پٽ نظير احمد جتوئي سخت زخمي ٿي پيا. پوليس پهچي ڪار تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ بعد علائقي واسين جي مدد سان ٻنهي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي علاج دوران 12 ورهين جو نينگر شفقت علي جتوئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن جي لاش مٿان سندس وارث اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا. ان حوالي سان فوتي نينگر جي وارثن ٻڌايو ته اسان جا نينگر موٽرسائيڪل تي پنهنجي ڳوٺ کان باقراڻي شهر ڪم سانگي وڃي رهيا هئا ته ڳوٺ پراڻي آباد وٽ تيز رفتاري سبب سندن موٽرسائيڪل جو ڪار سان آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close