سنڌ

رتوديرو ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس جي ڏاڍ خلاف احتجاجي ڌرڻو

رتوديرو ويجهو ڳوٺ لاشاري جي رهواسين پوليس خلاف احتجاج ڪندي ٿاڻي آڏو نٽهڻ اس ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو. ان ڏس ۾ لاشاري پوليس خلاف احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن غلام الرسول جويو، اعظم علي لاشاري، خالد حسين جويو، ساجد حسين، سانول، غفار، امدا ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جو اسراڻ ذات وارن سان سڱاوتي مسئلو آهي، جنهن تان مڇرجي چار ڏينهن اڳ انيل، محسن اسراڻ، منير، نويد، جاويد ۽ سڌير احمد هڪڙو قاتلاڻو حملو ڪيو، جنهن ۾ ٻه ڄڻا خالد جويو ۽ استاد اعظم لاشاري زخمي ٿيا هئا. هنن چيو ته اسان ڄاڻايل جوابدارن خلاف اهڙي واقعي جي اين سي لاشاري ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر پوليس هن وقت تائين جوابدار گرفتار نه ڪيو آهي هنن چيو ته پوليس هڪ جوابدار نويد هڪڙو کي گرفتار ڪري ان کان به رشوت وٺي کيس ڇڏي ڏنو آهي، جوابدار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن پر پوليس اسان جي ايف آءِ آر به داخل نٿي ڪري. هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button