سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سرڪاري گاڏين کي پڪڙڻ جو سلسلو شروع

لاڙڪاڻو لوڪل گورنمينٽ اليڪشن جو شيڊول ۽ مرحلا طئي ٿيڻ کانپو گورنمينٽ آف سنڌ جي حڪم تحت سرڪاري گاڏيون پڪڙڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. ان سلسلي ۾ ڪالهه اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو اينٽي انڪروچمينٽ پوليس ۽ ضلعي پوليس سان گڏجي لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي چوڪ وٽ بيهي گاڏيون روڪي انهن کي ڊي سي آفيس ڏانهن منتقل ڪرڻ لڳا. ان موقعي تي اي سي لاڙڪاڻو احمد علي سومرو دانهيندي چيو ته لوڪل گورنمينٽ اليڪشن جو شيڊول ۽ ان جا عام مرحلا طئه ٿي چڪا آهن لوڪل گورنمينٽ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ پاڪستان اليڪشن ڪميشن طرفان ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ۽ سنڌ گورنمينٽ کان سرڪاري گاڏيون گهري وينديون آهن ته جيئن سرڪاري گاڏين کي اليڪشن دوران استعمال ۾ آڻي اليڪشن پراسز ۾ آساني ٿي سگهي ان لاءِ سرڪاري گاڏيون بند ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي ايس ايڇ او اينٽي انڪروچمينٽ سلطان احمد بليدي، اي ايس آ احمد علي ڌامراهه ۽ ٻيا عملدار توڙي اهلڪار موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button