سنڌ

”تحفظ ڏنو وڃي“ باقراڻي ۾ پرڻو ڪندڙ جوڙي جو احتجاج

نيو ڪراچي جي ايوب ڳوٺ جي ناري نازيا ڌيءَ امان الله پٺاڻ ۽ سجاول جوڻيجو تعلقي جي ڳوٺ غلام رسول ڪورائي جي نوجوان خالد ولد محرم علي ڪورائي 23 مئي تي خيرپور جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو. جوڙي نازيا ۽ خالد حسين ڪورائي تحفظ ڏيارڻ لاءِ باقراڻي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته اسان رضا خوشي سان خيرپور جي ڪورٽ ۾ 23 مئي تي نڪاح ڪيو آهي. ناري نازيا پٺاڻ چيو ته مونکي ۽ مڙس خالد کي منهنجي والد امان اللہ پٺاڻ ۽ ڀائرن اسماعيل، جهانگير، حڪيم ۽ جان ولي مان جان جو خطرو آهي ۽ جيڪي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن عملدارن کي اپيل ڪئي ته اسان کي تحفظ ڏئي مرضيءَ مطابق زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button