سنڌ جي وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور حسين وساڻ سنڌ واٽر ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن (SWAT) پراجيڪٽ تي مڪمل لگن ۽ محنت سان ڪم ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن ته جيئن خوراڪ جي ضرورتن ۾ پاڻڀرو ٿي درآمدات تي خرچ ٿيڻ واري قيمتي زرمبادله کي بچايو ۽ معيشت کي استحڪام ڏئي سگهجي. هن هدايتون ڏنيون ته سنڌ واٽر ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پراجيڪٽ ورلڊ بينڪ جي معاونت سان شروع ٿيندڙ زراعت کاتي سنڌ جو 120 ملين آمريڪي ڊالر جو پراجيڪٽ آهي ۽ هن پراجيڪٽ جي تحت زراعت جي سمورن شعبن جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ جي لاءِ سخت محنت سان ڪم ڪرڻو آهي. هن زراعت کاتي سنڌ جي آفيسرن کي وڊيو لنڪ اجلاس دوران اهڙيون هدايتون ڏنيون. ان موقعي تي بريفنگ جي دوران ٻڌايو ويو ته SWAT پراجيڪٽ جا 4 ڪمپونينٽ آهن، جنهن ۾ ايگريڪلچر ايڪسٽينشن، واٽر مينيجمينٽ، ايگريڪلچر ريسرچ ۽ ڪراپ رپورٽنگ جا شعبه شامل آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايگريڪلچر ايڪسٽينشن جي تحت گهٽ پاڻي سان وڌيڪ فصل حاصل ڪرڻ وارن پوکن ۽ طريقن جي باري ۾ تجويزون پيش ڪيون وينديون. ان سان گڏو گڏ داليون، سبزيون، فروٽ، سورج مکي ۽ ٻين اهم عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو ۽ ان ڏس ۾ هارين جي تنظيمن کي آگاهي ڏني ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته واٽر مينيجمينٽ شعبي جي تحت پوکن تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ نوان واٽر ڪورسز ٺاهيا ويندا ۽ پراڻن واٽر ڪورسز جي مرمت ۽ بهتري سان گڏو گڏ ڊرينج کي ٺيڪ ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايگريڪلچر ريسرچ جي تحت زرعي زمينن کي سم ۽ ڪلر کان بچائڻ لاءِ تحقيق جي جديد طريقن کي اختيار ڪيو ويندو ۽ زميندارن کي تجويزون ۽ راءِ ڏنيون وينديون. ٻڌايو ويو ته ڪراپ رپورٽنگ شعبي جي تحت پوکن مان ڊيٽا ڪليڪشن جي حصول کي ڊيجيٽلائز ڪيو وڃي ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته ڪيتري فصل حاصل ڪري سگهجي ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close