سنڌ

سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن: اڪرام ڌاريجو

صنعت، واپار ۽ گڏيل امداد کاتن واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته سرڪاري زمينن ۽ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائيٽيز ۾ پلاٽس تي قبضا ڪرڻ وارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. اها ڳالهه هن پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. هن چيو ته سرڪاري زمينن تي قبضو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهن. ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائيٽيز ۾ پڻ قبضو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڄام اڪرام الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير پڻ سرڪاري زمينن تان قبضي جو سخت نوٽيس ورتو آهي. زمينن تي ناجائز قبضو ڪرڻ وارن کي نه ڇڏينداسين. هن چيو ته توانائي جي بحران جي اصل وجهه تحريڪ انصاف جي چار سالن جي حڪومت آهي. تحريڪ انصاف جي نااهل حڪومت وقت تي نه فرنس آئل خريد ڪري سگهي ۽ ايل اين جي جي معاهدن ۾ پڻ نيازي حڪومت لاپرواهي ڪئي. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته تحريڪ انصاف جي نااهل حڪومت جي نتيجي ۾ اڄ اسان بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ جو عذاب کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته عمران خان پنهنجي انا ۾ ملڪ کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ دهشتگردي جي واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. دهشتگردن جو ڪوئي دين، ايمان ناهي هوندو. سنڌ حڪومت دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي ڪنهن صورت ۾ نه ڇڏيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button