سنڌ

راڻيپور ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي ۾ نوجوان گوليون هڻي قتل

درازا شريف جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھه تان جھيڙو ٿي پيو، گولي لڳڻ سبب هڪ نوجوان قتل ٿي ويو. پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. رپورٽ موجب راڻيپور ٿاڻي جي حد درازا شريف جي رھواسي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھه تان خوني جھيڙو ٿي پيو، جنھن ۾ نوجوان الھوسايو شيخ پٽ امداد حسين شيخ کي راڻيپور جي گمبٽ موڙ وٽ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، ان دوران موجود ماڻھن ۽ پوليس پھچي فائر ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال پھچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي مڙهه کڻي ڳوٺ پهتا ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button