سنڌ

نوان جتوئي ڀرسان پڇڙي جي آبادگارن غير قانوني نوليون پٽي ڇڏيون

جتوئي ڀرسان سهڙا ليٽ شاخ جي پڇڙي جا آبادگار منڍ ۾ پاڻي چوري خلاف ڪوڏرون کڻي نڪري آيا. پڇڙي جي آبادگارن شاخ ۾ لڳل غير قانوني نوليون ڪڍي ڇڏيون، ان دوران ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ٿي وئي ۽ هوائي فائرنگ ٿي. اهڙي اطلاع تي فريد ديرو ٿاڻي جي پوليس پهچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو. ان ڏس ۾ سهڙا – ليٽ جي پڇڙي جي آبادگارن پير غلام مجتبيٰ، ايڊووڪيٽ سليم ڀنگر، نياز عالماڻي ۽ ٻين چيو ته منڍ جا بااثر آبادگار غير قانوني نوليون هڻي زبردستي پاڻي چوري ڪري رھيا آھن، جنهن ڪري اسان جا وونئڻ، ڪمند، جوئر ۽ ٻيا فصل سڪي ويا آھن، اسان معاشي طور تباهه ٿي رھيا آھيون. ھنن چيو ته اسان جي گذر سفر جو ذريعو زراعت آھي، جنهن کي ھٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي. ھنن چيو ته پاڻيءَ چوري ۾ آبپاشي کاتي جا عملدار ملوث آھي، جيڪي رشوت عيوض پاڻي چوري ڪرائي رھيا آھن. ھنن چيو ته غير قانوني نوليون، واٽر ڪورس، جهٽن کي ھٽائڻ جو ڪم آبپاشي کاتي جو آھي جيڪو اسان مجبور ٿي ڪري رھيا آھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button