عمرڪوٽ ۾ پي ٽي آ ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ تشدد خلاف ايم اين اي لال مالهي جي شٽربند هڙتال واري سڏ تي اڌ شهر کليل رهيو، ان ڏس ۾ عائشه مارڪيٽ، راڻو چوڪ، شاهي بازار مڪمل بند رهي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار مقرر رهيا. ٻي طرف اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس اسان جا 100 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ڪيا آهن. عمرڪوٽ پريس ڪلب ٻاهران احتجاج، وڳوڙ ۽ پوليس موبائلن مٿان پٿرا، 144 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس سٽي ٿاڻي تي ايس ايڇ او عطا لغاري جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ پي ٽي آئي ايم اين اي لال مالهي سميت 125 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪا به گرفتاري نه ٿي سگهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close