سنڌ جي يونيورسٽيز ۽ بورڊز واري وزير اسماعيل راھو پاران وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري يونيورسٽين جي گرانٽ ۾ ڪٽوتي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آھي ته سرڪاري يونيورسٽين جي بجيٽ 65 بلين مان 30 ملين ڪرڻ سان تحقيقي تعليم مڪمل طور بند ٿي ويندي. اسماعيل راھو چيو ته سرڪاري يونيورسٽيز جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪرڻ سان شاگر دن ۽ استادن جون مشڪلاتن ۾ اضافو ٿي ويندو، بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪرڻ سان يونيورسٽيون معاشي بحران جو شڪارٿي وينديون، وفاق فيصلي تي نظرثاني ڪري. سنڌ جي يونيورسٽين واري وزير جو چوڻ ھوته بجيٽ گهٽ ڪرڻ سان غريب شاگردن جي فيسن ۾ اضافو ٿيندو ۽ انهن جي تعليم تي اثر پوندو، عمران خان جي حڪومت ملڪ جو تعليمي نظام تباهه ڪيو، يونيورسٽين جي بجيٽ ۾ ڪٽو تي ڪئي وئي، عمران خان وزيراعظم هائوس کي ته يونيورسٽي نه بڻائي سگهيو پر سمورين يونيورسٽين کي معاشي بحران ۾ ڌڪي ويو آهي. اسماعيل راهو چيو ته گذريل چئن سالن ۾ وفاق پاران يونيورسٽين جي گرانٽس ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو ويو،سرڪاري يونيورسٽيون اڳ ئي پگهارن، پينشن جي اضافي ۽ ترقياتي ڪمن جي بجيٽ جي اضافي ۾ دٻيل آهن. اسماعيل راھو چيو ته گذريل چئن سالن ۾ سنڌ جون يونيورسٽيون مالي بحران جو شڪار رھيون آهن، بجيٽ ۾ اضافي جي بجاءِ گهٽ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سال 2017.18 ۾ يونيورسٽين جو انگ 178 کان وڌي هاڻي 240 ٿي ويو آهي، سرڪاري يونيورسٽيون اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ وارن غريب شاگردن جو واحد سهارو آهن. سنڌ جي يونيورسٽيز ۽ بورڊز واري وزير اسماعيل راھو پاران وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري يونيورسٽين جي گرانٽ ۾ ڪٽوتي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آھي ته سرڪاري يونيورسٽين جي بجيٽ 65 بلين مان 30 ملين ڪرڻ سان تحقيقي تعليم مڪمل طور بند ٿي ويندي. سرڪاري يونيورسٽيون اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ وارن غريب شاگردن جو واحد سهارو آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close