سنڌ

وڏي وزير ڏوهارين خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ستن ڏينهن جي پرڏيهي دوري کان واپسي تي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس گهرايو، جنهن ۾ ژآ جي جي پوليس، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آ جي اسپيشل برانچ جاويد اوڍو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير عملدارن کان ڪراچي سميت صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي پوليس پيٽرولنگ وڌائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير ڊرگ مافيا، لينڊ گريبرز ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن جاري رکڻ جي هدايت ڪندي ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي بهتر انتظامن لاءِ پڻ حڪم جاري ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button