عرضي ڀٽو ۾ پ پ ڪارڪنن مقامي قيادت جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پ پ ڪارڪنن شمس الدين ڀٽو، اصغر لولائي، عرس لانگاهه ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ھڪ کان چار اسڪيل جي نوڪرين واري لسٽ ۾ پ پ تعلقـ جنرل سيڪريٽري منظور بروھي من پسند ۽ لکين روپيا رشوت وٺڻ عيوض ماڻهن جا نالا شامل ڪيا آھن، جن جو پارٽي سان ڪو تعلق ناهي. ھنن چيو ته اسان پارٽي جا پراڻا سينيئر ورڪر آھيون، اسان کي نوڪرين جي ورڇ توڙي پارٽي جي ٿيندڙ اجلاسن ۾ نٿو گھرايو وڃي. ھنن پارٽي چيئرمين ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر کان نوٽيس وٺي تعلقي جنرل سيڪريٽري خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. رابطو ڪرڻ تي پ پ سجاول جوڻيجو جي جنرل سيڪريٽري منظور احمد بروھي چيو ته نوڪرين جي ڪا لسٽ نه ٺاھي وئي آهي، پارٽي جا جھنڊا کڻي پارٽي کي بدنام ڪري رھيا آھن جن بابت قيادت کي آگاهه ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close