سنڌ

وزيراعظم سنڌ جو پاڻي چوري ٿيڻ جو نوٽيس وٺي:سنڌ حڪومت

زراعت بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار منظور حسين وساڻ جو چوڻ ھو ته ارسا، پنجاب ۽ بلوچستان جي ميمبرن سان گڏجي چشما، جھلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪينال کولي ڊيڊ ليول تي پھچايو آھي، دريا ۾ پاڻي کوٽ سبب ڪينجھر ڍنڍ جي سطح به ڪافي حد تائين گھٽجڻ لڳي آھي.م نظور وساڻ پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾چيو ته ارسا ۽ پنجاب زرعي پاڻي بند ڪري سنڌ کي ريگستان بڻائڻ چاھين ٿا. ھن چيو ته ارسا جي نااھلي سبب سنڌ ۾ ھن وقت 53 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آھي، چشما ۽ تونسا بيراج تي پاڻي جي سطح ۾ 40 ھزار ڪيوسڪ گھٽتائي ٿي آھي، سنڌ کي وڌيڪ پاڻي کوٽ کي منھن ڏيڻون پوندو، ارسا پاڻ اعتراف ڪيو آھي ته تونسا ۽ گڊو جي وچ مان لفٽ مشين ذريعي پنجاب 30 ھزار ڪيوسڪ پاڻي چوري ڪري رھيو آھي، وزيراعظم سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ٿيڻ جو نوٽيس وٺي ۽ ڪارروائي ڪري. منظور وساڻ چيو ته ارسا جي نااھلي سبب سنڌ ۾ پھريان ئي قحط واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آھي، ارسا پاران پنجاب ۽ بلوچستان جي ميمبرن سان ملي ڪري چشما جھلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪينال کولي ڊيڊ ليول تي پھچايو آھي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب چانورن جو فصل نه لڳڻ تي به ڳڻتي آھي، پنجاب لا پاڻي آھي، اتي کوٽ ناھي، چانورن جي فصل سميت تمام فصل ٿين پيا، صرف سنڌ کي پاڻي نه پيو ملي. منظور وساڻ جو چوڻ ھو ته پاڻي جي عدم دستيابي سبب سنڌ ۾ ڪپهھ ۽ ڪمند سڙي ويا آھن، سنڌ ۾ گھڻي قدر فصل خراب ٿي چڪا آھن، جڏھن ته مال مويشي لا پاڻي موجود ڪونھي، ٻڌايو وڃي ته سنڌ کي ڪھڙي ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي؟.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button