سڌ سما ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لا هر سياسي جماعت کي منٿون ڪيون آهن. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته عمران خان پي ٽي آءِ جي عمارت ڪوڙ، غلط بياني ۽ آسرن تي اڏي آهي. پي ٽي آءِ جي حڪومت جي زوال جو سبب عمران خان جي نا اهلي ۽ غرور هو. تمام جلد سندس سياسي زوال شروع ٿيڻ وارو آهي. سڌ سماءَ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪوڙ جا پير ناهن ٿيندا. غلط بياني، منافقت ۽ عوام سان ڪيل ڪوڙا وعدا عمران خان کي ايڪسپوز ڪري رهيا آهن. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان ماضي جي غلطين کان سکي ۽ پنهنجو سياسي قبلو درست ڪري. هن سياسي مخالفت کي دشمني ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪوڙ ، سياست ۾ گاريون ۽ بدتميزي جو رواج عمران خان وڌو آھي، ان کي روڪڻو پوندو. ڇو ته اقتدار جي لالچ عمران خان کي ذهني مريض ڪري ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close