جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي امير سراج الحق جي اپيل تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي خلاف جماعت اسلامي سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا. شڪارپور ۾ گهنٽا گهر چوڪ تي رٿيل مظاهري کي صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا خطاب ڪندي چيو ته حڪومت پاران عوام کي 2 هزار رپين جو رليف عوام جي تذليل ڪرڻ برابر آهي، موجوده حڪومت ڏيکاءُ بدران معيشت کي سنڀالڻ ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي، حڪمران عوام کي پينو فقير بڻائڻ جو سلسلو هاڻي بند ڪن. بدين ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نواب شاهه ۾ ضلعي امير سُرور احمد قريشي، فيصل همايون ۽ سردار احمد آرائين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميرپورخاص ۾ محمد فاروق چوهاڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. هوڏانهن حيدرآباد، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاج ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close