سنڌ

بلاول ڀٽو، وڏي وزير ۽ شرجيل ميمڻ جون سي پي اين اي عهديدارن کي مبارڪون

پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي. بلاول هائوس ميڊيا سيل مان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري سي پي اين اي جي نون چونڊيل عهديدارن جي نالي پيغام جاري ڪندي چيو ته ڪائونسل اف پاڪستان نيوز پيپلز ايڊيٽرز جي نئين چونڊيل صدر ڪاظم خان ۽ جنرل سيڪريٽري ميان عامر محمود کي مبارڪ ڏيان ٿو. هن اياز خان کي سينيئر نائب صدر، يوسف نظامي کي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، غلام نبي چانڊيو کي فنانس سيڪريٽري ۽ زبير محمود کي انفارميشن سيڪريٽري چوندجڻ تي مبارڪون ڏنيون، جڏهن ته ڊاڪٽر جبار خٽڪ کي سنڌ جو نائب صدر ۽ مقصود يوسفي کي سنڌ جو جوائنٽ سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪن جو پيغام ڏنو. بلاول ڀٽو زرداري حيدرامين کي پنجاب جو نائب صدر، سلمان مسعود کي اسلام آباد جو نائب صدر، طاهر فاروق کي خيبرپختونخواه جو نائب صدر ۽ عارف بلوچ کي بلوچستانجي نائب صدر چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني، جڏهن ته چيئرمين بلاول ڀٽو پاران سي پي اين اي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي نون چونڊيل 44 ميمبرن کي به مبارڪ ڏني وئي. هن چيو ته جمهوريت جي استحڪام ۽ صحافت جي آزادي کي هٿي وٺرائڻ جي باب ۾ سي پي اين اي جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون آهن. وزير اعليٰ نئين چونڊيل صدر ڪاظم خان، سينئر نائب صدر اياز خان، سيڪريٽري جنرل عامر محمود، فنانس سيڪريٽري غلام نبي چانڊيو، نائب صدر جبار خٽڪ، جوائنٽ سيڪريٽري مقصود يوسفي سميت سمورن عهديدارن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته جمهوريت جي مضبوط ۽ اظهار راءِ جي آزادي لاءِ سي پي اين اي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هوڏانهن اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز ( سي پي اين اي ) جي سالياني چونڊن 23- 2022 ۾ نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪئي آھي . صوبائي وزير چيو ته ڪاظم خان کي صدر، اياز خان سينيئر نائب صدر، عامر محمود سيڪريٽر جنرل، يوسف نظامي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل، غلام نبي چانڊيو فنانس سيڪريٽري ۽ زبير محمود کي انفارميشن سيڪريٽري جي عهدن تي چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت هميشه ميڊيا جي مسئلن جي حل کي پنهنجي ترجيح ۾ رکيو آهي، سنڌ حڪومت اخبارن ۽ رسالن جي مسئلن جي حل لاءِ سي پي اين اي سان سهڪار جاري رکندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button