سنڌ

لاڙڪاڻي مان کنڀيل انصاف دايو کي 5 سال مڪمل، وارثن جو احتجاجي ڌرڻو

لاڙڪاڻي ۾ وائيس آف سنڌ، سنڌ سجاڳي فورم ۽ کنڀي گم ڪيلن جي خاندانن کنڀي گم ڪيل لاڙڪاڻي واسي انصاف دايو کي 5 سال مڪمل ٿيڻ تي ناليواري اديب، شاعر ۽ محقق تاج جويو جي اڳواڻيءَ ۾ انصاف دايو سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جتي هنن کنڀي گم ڪيلن جي تصويرن وارا پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي، جنهن ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارث عورتن، مردن ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تاج جويو، سينيئر قومپرست اڳواڻ سرفراز ميمڻ، عادل عباسي، افسانه، اقصي دايو ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي جي نظر محلي واسي نوجوان انصاف کي 29 مئي 2017 تي پنهنجي درزي جي دڪان تان کنڀي گم ڪيو ويو، جنهن کي 5 سال مڪمل ٿي ويا آهن جنهن جي امڙ شگر، دل ۾ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي نوجوان پٽ جي آزاديءَ جي آس ۾ بيماري جي بستري تي پيل آهي. هنن چيو ته سنڌ جي مختلف شهرن مان مختلف وقتن تي مرتضى جوڻيجو، ايوب ڪانڌڙو، سهيل ڀٽي، فتح محمد، ڪاشف ٽڳڙ، صحبت کوسو، شاهد سومرو، سجاد حسين ٻرڙو، پرويز سرگاڻي، محمد علي چانڊيو، ظفر چانڊيو، فقير اعجاز سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي سالن کان وٺي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جن جا وارث سالن کان وٺي انهن جي انتظار ۾ سخت اذيت ۽ مبتلا آهن پر ڪيترائي سال گذرڻ باوجود سندن ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن چيو ته کنڀي گم ڪيل بيگناهه آهن انهن مان ڪيترائي نوجوان اهڙا به آهن جن جون عمريون 17 کان 20 ورهين جي لڳ ڀڳ آهي ۽ انهن مٿان ڪي ڪيس به ناهن جيڪڏهن انهن مٿان ڪي ڪيس آهن ته انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ سالن کان وٺي کين کنڀي گم ڪرڻ آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، تنهن ڪري اسان ملڪي عدليه سميت ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته انصاف دايو سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورن ماڻهن کي آزاد ڪرائي سندن گهر ڀاتين ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button