سنڌ

لاڙڪاڻي واسي پورهيت جو گهر ڀاتين سميت مائٽن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي مدينه ڪالوني واسي پورهيت گهرڀاتين سان گڏجي بااثر مائٽن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت غلام مصطفيٰ جتوئي پنهنجي پٽ ڪامران جتوئي ۽ سالي محمد اعظم جتوئي سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته 5 سال اڳ مون نياڻي روينا جتوئي جو رشتو ڏي وٺ تحت مائٽ ڳڙهي ياسين واسي رٽائرڊ اي ايس آءِ عرس جتوئي جي پٽ عمران جتوئي سان شادي ڪري ڏني هئيو جنهن جي نياڻي زاهده جي شادي پنهنجي پٽ سان ڪرائي جنهن کانپوءِ هنن جي نياڻي زاهده اسان وٽ خوش آهي پر منهنجي نياڻي مٿان ڄاٽو عمران جتوئي سخت تشدد ڪري کيس قيد ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان والدين سان ملڻ به نٿو ڏئي ويتر ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آ جي، ايس ايس پي سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري قيد ڪيل نياڻي کي آزاد ڪرائي انصاف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button