خيرپور ناٿن شاهه ۾ قومي عوامي تحريڪ پاڻي جي کوٽ خلاف مين بس اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج جي اڳواڻي سومر چانڊيو، جاويد چانڊيو، ايڊووڪيٽ آڪاش لاکير، صدام ڪلھوڙو، رشيد لغاري ۽ نظر لغاري ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سڄي سنڌ ۾ شديد پاڻي جي کوٽ آهي. ڪينالن، شاخن ۽ واھن ۾ واري پئي اڏامي. شاخن جون کاٽيون نٿيون ڪرايون وڃن، جنهن ڪري پڇڙي ۾ پاڻي نٿو پھچي. فصل سڪي ويا آهن. چوپايو مال اڃ مري رهيو آهي. پاڻي نه ھجڻ ڪري ڪي اين شاهه سميت سڄي سنڌ ۾ سوڪهڙي ۽ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. پاڻي نه ھجڻ ڪري جر کارو ٿي رهيو آهي. آبادگار بک بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن. اڳواڻن مطالبو ڪيوته هٿرادو پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close