سنڌ

کور واهه ۾ پوليس اهلڪار جي مبينا تشدد خلاف احتجاج

کور واهه جي خاصخيلي محلي جي رهواسين پوليس اهلڪار جي مبينا تشدد خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت غلام نبي خاصخيلي، سندس زال صغران، سيما، حيدر ۽ قادر خاصخيلي دانهيندي چيو ته کور واهه ٿاڻي مقرر پوليس اهلڪار لال بخش خاصخيلي، سندس پي علي بخش، غلام محمد ۽ ٻين اسان جي پٽ حيدر کي سولر پليٽ چوري ڪرڻ جي ڪوڙي الزام هيٺ شهر مان کنڀي گهر ۾کٽ سان ٻڌي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، دانهن تي ننڍو ڀا قادر کيس ڇڏائڻ لا ويو ته انهي کي به تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد ٻنهي ڀائرن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليس اهلڪار ۽ سندس پي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي. ٻئي طرف پوليس اهلڪار لال بخش خاصخيلي ٻڌايو ته گهر مان سولر پليٽ چوري ٿي، جنهن جي پڇا ڳاپا لا حيدر ۽ قادر کي ٿاڻي تي گهرايو هو، باقي تشدد ڪرڻ وارو الزام ڪوڙو ۽ بي بنياد آهي. هن چيو ته حيدر ۽ قادر منهنجا سئوٽ آهن، جنهن منهنجي گهر اچي مون سان بدتميزي ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button