سنڌ

ڏوڪري واسي نوجوان قتل، لاش چانڊڪا اسپتال مان مليو، وارثن جو احتجاج

ڏوڪري واسي نوجوان جو چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو جي ايمرجنسي وارڊ مان لاش هٿ آيو. ڳوٺ وڪڙو جو رهواسي نوجوان طفيل جوڻيجو 2 ڏينھن اڳ دوستن سان گڏ لاڙڪاڻي ويو ته اهڙو واقعو پيش آيو. وارثن موجب نوجوان سان گڏ ويندڙ دوست فون ذريعي رات جو دير سان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيڻ جو اطلاع ڏنو. ان سلسلي ۾ وارثن ٻڌايو ته اسان جي نوجوان کي سندس دوست پٺاڻ ڪم سانگي 2 ڏينھن اڳ لاڙڪاڻو وٺي ويو، جيڪو واپس موٽي نه آيو، رات جو دير سان نوجوان سان گڏ ويندڙ دوست فون ڪري طفيل کي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيڻ جو اطلاع ڏنو. وارثن جو چوڻ هو ته اسان جڏهن لاڙڪاڻو پهتاسين ته نوجوان جو لاش چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ پيل هو، اسپتال انتظاميا پاران ٻڌايو ته نامعلوم ماڻهو نوجوان جو لاش وارڊ ۾ رکي گم ٿي ويا آهن. هنن چيو ته چانڊڪا اسپتال انتظاميا پاران حد جو جواز ڄاڻائي نوجوان جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ حد جي اسپتال ڏوڪري کڻي وڃڻ جو چيو، هنن چيو ته ڏوڪري اسپتال انتظاميا پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ڳوٺ جي حد جي ٿاڻي ايئرپورٽ اڳيان لاش رکي احتجاج ڪيو ويو، جنهن بعد پوليس ليٽر جاري ڪيو، جنهن بعد ڏوڪري اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. هنن چيو ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ٻڌايو ته نوجوان کي گهٽا ڏيئي ۽ نازڪ عضوي کي چيڀاٽي ماريو ويو آهي. وارثن مبينا الزام هڻندي چيو ته اسان کي پهريان شڪ هو ته نوجوان کي قتل ڪيو ويو پر پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد پڪ ٿي وئي آهي ته نوجوان کي لاڙڪاڻي وٺي ويندڙ دوست پٺاڻ ئي قتل ڪيو آهي، جيڪي لاش چانڊڪا اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا آهن. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڏوڪري اسپتال جي ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته نوجوان جي ڳچي کي رسي يا تار سان زور ڏنو ويو آهي، جنهن سبب ڳچي سڃيل آهي ۽ نوجوان جي نازڪ عضوي کي چيڀاٽيو ويو آهي جنهن سبب موت ٿيو آهي. ايئرپورٽ پوليس جو چوڻ هو لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ ليٽر جاري ڪيو آهي جڏهن ته واقعو لاڙڪاڻي شهر ۾ پيش آيو آهي جيڪا اسان جي حد ناهي، جنهن سبب اسان وڌيڪ ڪارروائي نٿا ڪري سگهون، پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جو ايس ايس پي کي اطلاع ڏنو آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻي حد مطابق داخل ڪرڻ جي اجازت ڏيندو ته ڪيس داخل ڪيو ويندو. پوليس حد جي جواز ڄاڻائي واقعي جو آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ڪيو ۽ نه ڪا گرفتاري ڪئي. نوجوان کي اباڻي ڳوٺ وڪڙو جي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button