سنڌ

عرضي ڀٽو ۾ پ پ ڪارڪنن جو نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج

عرضي ڀٽو ۾ پ پ سجاول جوڻيجو تعلقي جي جنرل سيڪريٽري کي ھٽائڻ لاء پ پ ڪارڪنن طرفان پنجين ڏينھن تي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي علامتي بک ھڙتال ڪئي ۽ پ پ اڳواڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ پ پ ڪارڪنن شمس ڀٽو مجيب ڪوري عظيم لولائي اصغر مگسي ادريس ڀٽو ۽ ٻين دانھيندي چيو تـ سجاول جوڻيجو پ پ تعلقي جو جنرل سيڪريٽري منظور احمد بروھي انتھائي ڪرپٽ ماڻھو آھي جنھن ھڪ کان چار اسڪيل جي نوڪرين واري لسٽ ۾ پئسا وٺي پارٽي ڪارڪنن بدران ٻين ماڻھن جا نالا شامل ڪري ڪارڪنن جي حقن تي ڌاڙو ھنيو ويو آھي. ھنن پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي اڳواڻ فريال ٽالپر، ايم پي اي نادر مگسي، گھنور اسراڻ کان نوٽيس وٺي پ پ تعلقي جنرل سيڪريٽري منظور احمد بروھي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button