سنڌ

اوٻاوڙو ۾ بدامني،بٺي تي مزدوري ڪندڙ نوجوان گم،اغوا جو شڪ

اوٻاوڙو ۾ بدامني وڌي وئي. مريد شاخ لڳ کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ سرن جي بٺي تان ڪم ڪندڙ مزدور مير حسن پٽ لال بخش ملڪ مزدوري ڪري گھر واپس وڃي رھيو ته رستي مان گم ٿي ويو، جنهن جي وارثن اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو آهي. ان موقعي تي وارثن چيو ته کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني جي باهه علائقي کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. شڪ آهي ته اميدوار کي اغوا ڪيو ويو آهي، پوليس ڏوھارين اڳيان بيوس بڻيل آهي. اسين اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي نوجوان کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button