سنڌ

گڊو پوليس جي جوابدار گرفتار ڪري ڦٽاڪن سان ڀريل 7 ڪارٽون هٿ ڪرڻ جي دعوى

گڊو پوليس ڊيرا موڙ سي اين جي پمپ وٽ گاڏي جي انتظار ۾ بيٺل جوابدار غوث بخش پٺاڻ کان 7 ڪارٽون آتش گير مادا (ڦٽاڪن) جا ڀريل هٿ ڪري ورتا. گڊو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري جوابدار لاڪپ حوالي ڪيو ويو. ايس ايڇ او اقتدار حسين جتوئي ٻڌايو ته ڊيرا موڙ سي اين جي پمپ وٽ گاڏي جي انتظار ۾ بيٺل شڪي ماڻهو کي پڪڙيو، تلاشي تي 7 ڪارٽون آتش گير (ڦٽاڪن) جو هٿ ڪيا آهن، گرفتار جوابدار مٿان گڊو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button