سنڌ

سجاول جوڻيجو ويجهو هٿياربندن جي ڳوٺ تي چڙهائي، معصوم نياڻي قتل

سجاول جوڻيجو ويجهو ڳوٺ گل محمد جي وانڍ ۾ گذريل رات دير سان ھٿياربندن چڙھائي ڪندي راڪيٽ لانچر جا گولا فائر ڪيا، فائر ڪيل راڪيٽ لانچر جو گولو سردار علي مستوئي جر گھر ۾ ڪرڻ سبب ھڪ کٽ تي ستل ٻن معصوم ڀينرن مٿان راڪيٽ لانچر جو گولو ڪرڻ سبب 9 ورهين جي معصوم نياڻي فلڪ ٿڏي تي قتل، ننڍي ڀيڻ 7 ورهين جي سونھن ڌي سردار علي مستوئي سخت زخمي ٿي پئي. اھڙي واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. واقعي بعد گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. واقعي جي اطلاع تي سجاول جوڻيجو پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ميرو خان اسپتال مان پوسٽمارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو. جڏهن ته زخمي معصوم نياڻي کي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. معصوم نياڻين جي پي سردار علي مستوئي دانهيندي چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، هٿياربندن ڳوٺ مٿان راڪيٽ لانچر فائر ڪيو، جيڪو گهر ۾ ڪرڻ سبب معصوم ڌي فلڪ قتل ٿي وئي، ٻي ڌي سونهن زخمي ٿي آهي. ظالمن مون سان وڏو ظلم ڪري گهر اجاڙي ڇڏيو آهي. سجاول جوڻيجو پوليس رابطي تي ٻڌايو تـ مستوئي ڌر جو چوڻ آهي ته ڪجھه وقت اڳ قمبر ويجهو تتر ٻولائڻ واري مقابلي تان ڏاھاڻي ڌر جي ماڻھن جي عثمان مستوئي سان معمولي منھن ماري ٿي ھئي، جنھن تان ڏاھاڻي ڌر جي ماڻھن ڌمڪيون ڏنيون ھيون جنھن تان ھي واقعو پيش آيو آھي، جنھن ۾ ھڪ معصوم نياڻي فلڪ مستوئي قتل ٻئي ڀيڻ سونھن سخت زخمي ٿي آھي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. متاثر ڌر ڊي آ جي لاڙڪاڻي ۽ ايس ايس پي قمبر کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي حملي آورن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button