سنڌ

سوڀوديرو ۾ زمين جي تڪرار تان پوليس اهلڪار گوليون هڻي قتل

سوڀوديرو شھر جي سھتا پاڙي ۾ زمين جي تڪرار تان هٿياربند پوليس اهلڪار جميل احمد سهتو کي گوليون هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي وارثن سان گڏ زخمي اهلڪار کي سوڀوديرو اسپتال پھچايو، جتان نازڪ حالت ۾ گمس اسپتال ريفر ڪيو ويو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. جنهن کانپو وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سوڀوديرو اڪبر عالماڻي ٻڌايو ته مقتول جو پنھنجي مامي سان زمين تان تڪرار ھلندڙ ھو، جنهن تان هن کي قتل ڪيو ويو آهي. مقتول جا وارث جنھن تي به ڪيس داخل ڪرائين ڪيو ويندو. شهيد اھلڪار جي قاتلن کي ھر صورت ۾ گرفتار ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button