سنڌ

پڊعيدن ڀرسان پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

پڊعيدن لڳ نيو سانگي شاخ ۾ ھڪ سال کان پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن اختر حسين راڄپر، حسين بخش راڄپر، منڇي سڃڻ سولنگي، الطاف ڀريجو، نذير احمد راڄپر، گلاب راڄپر، اعجاز اڄڻ ۽ ٻين جلالجي لنڪ روڊ – نيو سانگي شاخ جي پل وٽ نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بيهي ويو. اڳواڻن چيو ته نيو سانگي مائينر ۾ هڪ سال کان زرعي پاڻي نه هجڻ ڪري فصل سڪي رهيا آهن، جانور ۽ پکي اڃ مري رهيا آهن. موٽرون به پاڻي ڪونه ٿيون کڻن. جر هيٺ لهي ويو آھي. هن چيو ته منڍ جي آبادگارن کي پئسن عيوض پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي، جيڪو اسان پڇڙي وارن سان ظلم آھي. هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ 6 جون تي اريگيشن آفيس سامهون ڌرڻو هنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button