مدئجي پوليس ٻه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل پيرسن ڳوٺاڻي کي رستم گهانگهرو کي 2002ع جي پراڻي ڪيس ۾ گهربل ڄاڻائي لاڪپ ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار فائرنگ جي ٻن ڪيسن ۾ گهربل هو، جنهن کي گرفتار ڪيو آهي. گرفتار پيرسن جي وارثن ڀا سڪندر گهانگهرو ۽ ٻين چيو ته مدئجي ٿاڻي جي وڏي منشي ستار ميمڻ، اي ايس آ صديق ڀٽو، اهلڪار اطهر جکرو بنا جواز ڀا کي مزدوري ڪرڻ دوران کنڀي کڻي وڃي گم ڪيو ويو هو. ڀا جي آزادي لا اهلڪارن 25 هزار رشوت گهري هئي، نه ڏيڻ تي ڪورٽ پاران ختم ٿيل جهيڙي جي ڪيس ۾ گرفتاري ڄاڻائي ڇڏي آهي. ملوث اهلڪارن خلاف ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close