سنڌ

دعا زهره ڪيس ۾ وڌيڪ جوابدار ملوث هجڻ جو انڪشاف

دعا زهره جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار وڌيڪ اهم انڪشاف ڪيا، مدعي جي وڪيل ٻڌايو ته جوابدارن سان ٻيا ماڻهو به اغوا ۾ ملوث آهن، جوابدارن جي نشاندهي تي پوليس ڪارروائي ڪري رهي آهي. تفصيل مطابق جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر ۾ دعا زهره جي اغوا جي ڪيس جي شنوائي ٿي، جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي پوليس گرفتار مبينه نڪاح پڙهائيندڙ ۽ شاهد کي پيش ڪيو، شنوائي دوران جاچ آفيسر جوابدارن جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي اپيل ڪئي جنهن تي عدالت جوابدارن جي ريمانڊ ۾ 4 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ شنوائي تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. فريادي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن ڪجهه وڌيڪ اهم انڪشاف ڪيا آهن، گرفتار جوابدارن سان گڏ ٻيا ماڻهو به ملوث آهن، جوابدارن جي نشاندهي تي پوليس ڪارروائي ڪري رهي آهي، دعا زهره جي والد چيو ته ٻارڙي جي جلد بازياب ٿيڻ جي اميد آهي، گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ انڪشاف ٿيا آهن جوابدارن جي خلاف الفلاح ٿاڻي ۾ اغوا جو ڪيس داخل آهي. گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهره کي پيش نه ڪرڻ تي آ جي سنڌ ڪامران افضل کي ڪم کان روڪي ڇڏيو هو ۽ اسٽيبلشمنٽ ڊويزن کي آ جي سنڌ جي چارج ڪنهن اهل آفيسر کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button