سنڌ

وڏي وزير ۽ ورلڊ بئنڪ ۾ بي آر ٽي ييلو لائين بابت ڳالهيون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بينهاسن پنهنجي لاڳاپيل ٽيمن سان ورلڊ بينڪ جي مجموعي پورٽ فوليو، جاري ۽ پائيپ لائين اسڪيمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته جيڪڏهن ڪي رڪاوٽون آهن ته انهن کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن انهن کي صوبي جي عوام جي مفاد خاطر مڪمل ڪري سگهجي. ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزيرن ۾ ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، منظور وساڻ، مڪيش چاولا، امتياز شيخ، ڄام خان شورو، مرتضيٰ وهاب، رسول بخش چانڊيو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي گڏ هئا، جڏهن ته ورلد بينڪ وفد ۾ آپريشن مئنيجر گيلس ڊراگيلس، سيڪٽر ليڊر سسٽينبل ڊولپمينٽ عابدالرزاق خليل، ڊزاسٽر رسڪ مينيجمينٽ اسپيشلسٽ بلال خالد، ڪلائميٽ اسپيشلسٽ ثناءَ اڪرام ۽ احسن تحسين ۽ ايگزيڪيوٽو اسسٽنٽ وليد انور شامل هئا. منصوبي بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته 21 ڪلوميٽر ڊگهو ييلو لائين بي آر ٽي شهر جي اهم شاهراهن مان هڪ آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي رستو دائود چورنگي ڪورنگي انڊسٽريل روڊ کان ڄام صادق پل تائين، ڪي پي ٽي انٽر سيڪشن کان ايف ٽي سي انٽرچينج، شاهراهه قائدين، شاهراهه فيصل کان ڪشمير روڊ انٽرسڪشن تائين هوندو. ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري چيف جي تجويز تي وڏي وزير ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي ته خريداري ۾ مدد لاءِ عملي کي ڀرتي ڪيو وڃي. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پروڪيورمينٽ ۽ ڪانٽريڪٽ مينيجمينٽ ماهرن تي مشتمل هڪ مڪمل پروجيڪٽ ڊائريڪٽر هڪ مهيني اندر مقرر ڪيو ويندو. ڳالهين کانپوءِ ٻنهي ڌرين – سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته صوبائي حڪومت پيڪيج 4 (ڄام صادق پل کان ڪشمير روڊ چوڪ تائين ٽريڪ جي ڊيزائن) لاءِ ڪاغذ تيار ڪندي ته جيئن اهو پيڪيج جولاءِ 2022ع تائين مڪمل ٿي سگهي. وڏي وزير ۽ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري چيف ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پيرا ميٽر بائونڊري تي ڪم آگسٽ 2022ع ۾ شروع ٿيندو، جڏهن ته منصوبي تي ڪم جون 2023ع ۾ شروع ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button