سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو جي برطرف ملازم جو بحالي لائي احتجاج

لاڙڪاڻي جي لاهوري پاڙي جي رهواسي سيپڪو جي برطرف ملازم نوڪري تي بحالي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي شهباز علي جتوئي دانهيندي چيو ته مونکي والد جي ڪوٽا تحت واپڊا آفيس ۾ چوڪيدار طور نوڪري ڏني وئي، جڏهن ته مون ڪيترائي سال ڊيوٽي ڪري پگهارون کنيون، پر سال 2018ع ۾ منهنجي امڙ فوت ٿي وئي ۽ ان دوران مونکي ريجنل اسٽور لاڙڪاڻي مان بدلي ڪري سکر آفيس رليو ڪيو ويو، جتي امڙ جي فوتگي سبب ڊيوٽي جوائن نه ڪئي، جنهن ڪري مون کي نوڪري مان برطرف ڪري پگهارون بند ڪرايون ويون. هن چيو ته نوڪري تان برطرفي بعد بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جي ور چڙهي ويو آهيان، ڪيترائي ڀيرا پنهنجي بحالي لاءِ درخواستون ڏنيون، پر اڄ ڏينهن تائين مون کي نوڪري تي بحال نه ڪيو ويو، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوڪري تي بحال ڪري رهيل پگهارون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button