دوداپور ويجهو ڳوٺ مير افضل بروهي ۾ باهه لڳڻ سبب ٻن پورهيتن جا گهر سڙي ويا. دوداپور ويجهو ڳوٺ مير افضل بروهي ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب برڪت ميرالي ۽ امام بخش ميرالي جا گھر سڙي رک ٿي ويا، باهه لڳڻ سبب گهر ۾ بيٺل ٻه ڏاند ۽ گهر جو الهه تلهه سڙي ويو، ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اطلاع باوجود ڪافي دير سان فائربرگيڊ جي گاڏي واقعي واري هنڌ پهتي، تنهن کان اڳ ئي گهر سڙي ويا ھئا، جنهن سبب متاثر نٽھڻ اس سبب کليل آسمان هيٺان بي يارو مددگار ويٺل آھن، علائقي واسين پهچي امداد ڪئي، متاثر ڳوٺاڻن وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close