بخشاپور ويجهو ڳوٺ لياقت خان ڊومڪي ۾ بااثر وڏيري ڳوٺاڻن جو سرڪاري رستو بند ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ڳوٺاڻا گھرن تائين محدود ٿي ويا. شيخ برادري جي مردن، ٻارڙن توڙي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي بااثر وڏيري عبدالولي ڊومڪي جي ڏاڍاين خلاف برڪت علي شيخ، صادق، ٻانھون، عظيم، علي بھار، صديق، غلام فاطمه، گوھر خاتون، ذليخان، خيران ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺاڻن چيو ته بااثر وڏيري عبدالولي ڊومڪي اسان لا ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آهي، اسان مسڪين ماڻهو ٻني تي هارپو ڪري پنهنجن معصوم ٻچڙن جو پيٽ پالي گذر سفر ڪندا آھيون، اصغر علي شيخ ٻارڙن جي علاج لا ڳوٺ کان بخشاپور اسپتال وڃي پيو ته بااثر وڏيري رستي ۾ بيھاري سندس مٿان تشدد ڪري موٽرسائيڪل کسي ڌمڪي ڏني ته ٻيھر انھي رستي تان نه اچو نه ته ٻي صورت ۾ اوھان کي گھڻو ڪجهه ڀوڳڻو پوندو. هنن چيو ته بااثر وڏيرو ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري پنهنجن گھرن ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجھون ٿا. هنن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته بااثر ظالم وڏيري خلاف ڪارروائي موٽرسائيڪل واپس ڏياري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close