سنڌ

سجاول جوڻيجو ويجهو مقتول نياڻي جي وارثن وٽ ايس ايس پي پهتو

سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل محمد مستوئي ۾ ٻه ڏينهن اڳ هٿياربندن ھٿان راڪيٽ لانچر جا گولا فائر ڪرڻ سبب گولو لڳڻ ڪري سردار علي مستوئي جي 9 ورهين جي معصوم نياڻي فلڪ قتل ۽ ٻئي نياڻي 7 ورهين جي نياڻي سونهن مستوئي زخمي ٿي پئي. اھڙي واقعي بعد ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ بشير احمد بروهي ڳوٺ گل محمد مستوئي ۾ قتل ٿيل معصوم نياڻي فلڪ جي وارثن وٽ ڏک ونڊڻ پھتو. ايس ايس پي وارثن سان تعزيت ڪـندي گھري ڏک جو اظھار ڪيو ۽ وارثن کان واقعي بابت معلومات ورتي. ان موقعي تي سردار علي مستوئي ايس ايس پي کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن دشمني ناھي، اھا خبر پئي ھئي ته ڳوٺ جي همراهه سان تتر ٻولائڻ دوران ڪـنھن ڳالھه تي ڏاھاڻي ڌر جي ماڻھن سان منھن ماري ٿي ھئي، جنھن تان جوابدارن ڳوٺ مٿان راڪيٽ لانچر جا گولا فائر ڪيا، گھر جي اڱڻ ۾ ستل نياڻي مھڪ کي راڪيٽ لانچر جو گولو لڳڻ سبب قتل ۽ ٻئي نياڻي سونھن زخمي ٿي پئي. ھن چيو ته ظالمن اسان سان وڏو ظلم ڪيو آھي اسان قاتلن کي سڃاڻون به ڪونه ٿا. ان موقعي تي ايس ايس پي بشير احمد بروھي قتل ٿيل نينگري جي پي سردار مستوئي ۽ معزز ڊاڪٽر سيف الله مستوئي کي چيو ته اوھان قاتلن خلاف ڪيس داخل ڪرايو، ظالمن کي انھن جي انجام تائين ضرور پھچائبو. هوڏانھن آخري اطلاعن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button