صنعت، واپار ۽ گڏيل امداد کاتن واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ جي حوالي سان عمران خان ۽ ان جي ساٿين جي بيانن مان رت جي بوءِ اچي رهي آهي. عمران خان هر شعبي ۾ ناڪام ثابت ٿيو آهي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته عمران خان نفسياتي مسئلن جو شڪار نظر اچي رهيو آهي. پنهنجي مفادن لاءِ عمران خان نيازي قومي سلامتي جي ادارن کي نشانو بڻائي رهيو آهي. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته عمران خان عدالتن سميت سمورن ادارن کي بنا ڪنهن سبب تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو آهي. ماضي ۾ پڻ تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ پرتشدد رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت عمران خان جي لانگ مارچ کي روڪي، ڇو ته عمران خان سياست ۾ تشدد ۽ دشمني کي هٿي ڏني آهي. عمران خان نوجوان نسل کي گمراهه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پوري ملڪ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سياست کي هٿي ملي رهي آهي. چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي سطح تي پاڪستان جو اميج بهتر بڻائي رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close