مڪاني چونڊن جي حوالي سان سياسي پارٽين جي اڳواڻن سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون. شڪارپور ۾ پ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ اين پي پي (جتوئي گروپ) جي يو آئي ۽ پي ٽي آئي 30 ئي وارڊن تي گڏيل اميدوار بيهارڻ جو اعلان ڪيو. ان سلسلي ۾ جتوئي گروپ پ پ پ مخالف اتحاد جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو آھي، شڪارپور جي جتوئي ھائوس تي پي ٽي آئي، اين پي پي ۽ جي يو آئي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي تعلقي خانپور کانپو تعلقي شڪارپور جي 30 وارڊن ۽ 11 يونين ڪاؤنسلز تي گڏجي چونڊ وڙھڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. اين پي پي جي امير علي جتوئي، پي ٽي آئي جي سني سنجراڻي، جي يو آئي جي اڳواڻ قاري مجيب الرحمان مدني گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ھڪ ئي نشان تحت مڪاني چونڊ وڙھڻ جو اعلان ڪيو آھي. ان موقعي تي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جي يو آئي سان خانپور ۾ اڳ ۾ ئي اتحاد ھو جنھن کي وڌائي بنا ڪنھن سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي شڪارپور جي 30 ئي وارڊن تي اتحاد جوڙي ھر وارڊ تي ھڪ ئي اميدوار بيھاريو ويندو، ھڪ ٻئي سان ساٿ ڏيئي پ پ پ کي شڪست ڏينداسين. ھنن چيو ته اسان جو اتحاد چورن ۽ ڪرپشن ڪندڙ ٽولي خلاف آھي، سندن چوڻ ھو ته مڪاني چونڊن ۾ اتحاد پارٽي بنيادن تي نه پر مقامي بنيادن تي ڪيو ويو آھي، جيڪو پ پ پ خلاف عوام جي مدد سان ڪامياب ثابت ٿيندو. ان موقعي تي زبير ميمڻ، مولوي مشتاق، مولوي علي شير بروھي، عبيداللہ پھوڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close