سنڌ

ميرو خان ۾ يوٽيلٽي اسٽور انچارج خلاف احتجاجي مظاهرو

ميرو خان ۾ يوٽلٽي اسٽور انچارج سلمان جتوئي جي اڻ ڍنگي رويي خلاف شهرين ۽ ڳوٺاڻن عبدالجبار لغاري، عزيز لغاري، گلاب سومرو، نواب گوپانگ ۽ ٻين عرضي ڀٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته اسٽور انچارج سلمان جتوئي اسان کان شناختي ڪارڊ جون ڪاپيون وٺڻ باوجود ٽن ڏينهن کان پنڌ ڪرائي بنا سامان جي موٽائي ٿو ڇڏي. جڏهن ته پنهنجي من پسند ۽ سرندي وارن کي بنا انتظار جي سامان ڏي ٿو. هنن چيو ته اسان محنت مزدوري ڪريون يا هر روز گيھه، کنڊ لاءِ يوٽلٽي اسٽور جا چڪر لڳايون. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته اسٽور انچارج سلمان جتوئي کي هٽائي ايماندار اسٽور انچارج مقرر ڪري راشن جو سامان ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button