سنڌ

عرضي ڀٽو ۾ پ پ ڪارڪنن جو نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج

عرضي ڀٽو ۾ پ پ ڪارڪنن طرفان پ پ سجاول جوڻيجو تعلقي جنرل سيڪريٽري کي ھٽائڻ لا ڪارڪنن ستين ڏينهن به احتجاجي مظاھرو ڪرڻ بعد علامتي بک ھڙتال ڪئي. ان موقعي تي پ پ ڪارڪنن شمس ڀٽو عبدالحميد لانگاھ اويس لانگاھ شاھنواز ڀٽو سليم مڱڻھار ۽ ٻين چيو تـ پ پ سجاول جوڻيجو تعلقي جنرل سيڪريٽري منظور احمد بروھي جي غلط پاليسن سبب پارٽي اندر ڌڙابندي ٿيندي پئي وڃي جنھن سبب پارٽي جو وڏو نقصان ٿي رھيو آھي ھنن چيو تـ پ پ جنرل سيڪريٽري ھڪ کان چار اسڪيل تائين نوڪرين واري ٺاھيل لسٽ جيڪا پ پ قمبر شھدادڪوٽ ضلعي صدر قمر الدين گوپانگ حوالي ڪئي وئي آھي ان ۾ ٻين پارٽين جي ماڻھن کان پئسا وٺي انھن جا نالا شامل ڪري پارٽي جي سينيئر ڪارڪنن سان گھڻي ويساهه گھاتي ڪئي وئي آھي ھنن پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو، فريال ٽالپر کان نوٽيس وٺڻ جي گھر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button