رتوديرو تعلقي جي ڳوٺ ڌوڻ لاشاري جي رهواسين بااثرن مائٽن ۽ پوليس خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن غلام رسول جويو پنهنجي پٽ خالد ۽ سالي سانول جويو سان گڏجي دانهيو ته مون ڏي وٺ عيوض پنهنجي ڌيءَ ڪنول خاتون جي شادي خيرپور جوسو واسي انيل اسراڻ سان ڪرائي ۽ انيل جي ڀيڻ نيلم جي شادي پٽ عبدالقادر سان ٿي هئي، شادي بعد ڄاٽو انيل ڌيءَ کي گهر جو خرچ گهرڻ تي تشدد ڪري گهر ۾ قيد ڪندو هو، جنهن ڪري اسان رتوديرو سول ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي جنهن تي رتوديرو پوليس ڳوٺ الله بخش هڪڙو تي ڪارروائي ڪري ڌيءَ کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ڌيءَ پنهنجي مڙس کان طلاق وٺي اسان وٽ رهائش اختيار ڪئي ان ڳالهه تان انيل ۽ ٻيا ڪاوڙيل هئا، جنهن ڪري انيل سندس ڀاءُ محسن ۽ سندن مامن منير ۽ جاويد هڪڙو وارن منهنجي گهر ۾ گهڙي ڌيءَ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا گهر ۾ نه هئي، بعد ۾ انهن ڌوڻ شهر ۾ پورهيو ڪندڙ پٽ خالد ۽ ڄاٽي اعظم لاشاري کي تشدد جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا، جن خلاف حد جي لاشاري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو. ان تي پوليس منير هڪڙو کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو، هينئر انيل پنهنجي ڀاءُ ۽ مامن سان گڏجي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ پوليس به انهن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته بااثرن ۽ پوليس خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close