سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پ پ اڳواڻ منور مغيري جو برادر عبدالغفار وفات ڪري ويو

پاڪستان پيپلز پارٽي (سپاف) لاڙڪاڻي جي سينيئر اڳواڻ منور حسين مغيري جو ننڍو ڀاءُ عبدالغفار مغيري دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو، جنهن جي جنازي نماز پير شاهه بهارو وٽ ادا ڪرڻ بعد مڙهه کي آلين اکين سان اباڻي شاهه بهارو قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. سندس تڏو لاڙڪاڻي شهر جي ڪرمان باغ پاڙي واري رهائشگاھ تي وڇايو ويو آهي، جتي پ پ اڳواڻ منور حسين مغيري سان سندس ڀاءُ جي وفات تي تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button