سنڌ پوليس جي نئين سربراهه لاءِ ايڊينشنل آئي جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ مضبوط اميدوار طور سامهون آيو آهي. ذريعن مطابق ايڊيشنل آ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ جي آ جي سنڌ جي حيثيت سان مقرري کي وڏي وزير مراد علي شاهه جي سپورٽ ۽ حمايت حاصل آهي. غلام نبي ميمڻ بابت موقف اختيار ڪيو ويو ته هو پروفيشنل آهي، ڪراچي پوليس چيف غلام نبي ميمڻ بابت اهو موقف سامهون آيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن نئين آفيسر کي آ جي سنڌ لڳايو ويو ته ان کي ڪراچي سميت سنڌ پوليس کي سمجهڻ ۽ ايڊجسٽ ٿيڻ ۾ 3 کان 4 مهينا لڳندا. ان ڏس ۾ وفاقي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي. هن کان اڳ خبر آئي هئي ته قمرزمان ڪائره جي مائٽ آ جي بلوچستان کي سنڌ مقرر ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close