نوشهروفيروز ۾ ڪاٻاڙي جو دڪان هلائيندڙ پورهيت رميش ڪمار پنهنجي مائٽن سان گڏجي ڀرياسٽي پوليس خلاف احتجاج ڪيو. هن چيو ته گذريل ڏينهن ڊي ايس پي ڀرياسٽي پوليس ساڻ ڪري اسان جي دڪان تي آيو ۽ اسان تي تشدد ڪرڻ بعد دڪان ۾ رکيل 2 لک رپيا روڪ ڦر ڪيا ۽ مونکي زبردستي پوليس موبائيل ۾ ويهاري کڻي ويو. هن چيو ته ڊي ايس پي ڀريا مونکان زبردستي هڪ وڊيو ڪلپ ٺهرائي بيان ڏياريو ته چوري جو سامان ورتو آهي ۽ بعد ۾ منهنجي پيءُ کان 50 هزار رپيا رشوت وٺي مونکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان ڪاٻاڙي جو دڪان هلايون ٿا پر صاف سٿري طريقي سان پنهنجو ڪم ڪندا آهيون، جيڪا نوشهروفيروز پوليس کي پڻ ڄاڻ آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڊي ايس پي ڀريا جي ڪارروائي ۽ ناانصافي جو نوٽيس وٺي ڦريل پئسا واپس ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close