سنڌ

اڳڙا ۾ سڱاوتي معاملي تان سروٽا لڳڻ سبب 2 ٻارڙا زخمي

اڳڙا ڀرسان ڳوٺ محمد لائق پنهور ۾ سڱاوتي تان جوابدار حملو ڪري ٻن ٻارڙن 2 سالن جي تنجينه خاتون ۽ هڪ سال جي ارسلان کي سروٽا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. نوجوان ادريس پنهور چيو ته برادري جي ماڻهن سان سڱاوتي تان پراڻو معاملو هلندڙ آهي، پنهنجن ٻارڙن 2 سالن جي تنجينه خاتون ۽ هڪ سال جي ارسلان علي کي جوس وٺي ڏيڻ لا دڪان تي آيس ته جوابدار امير علي پنهور سروٽن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ٻارڙا زخمي ٿي پيا، جنهن جي بهارو ٿاڻي تي 5 جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لا تيار نه آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button