سنڌ

هنڱورجا ڀرسان نو لکي واهه کي 30 فوٽ گهارو، پاڻي گهرن ۾ داخل

هنڱورجا ڀرسان نئون ڳوٺ سهتا سامهون نولکي واهه کي آرڊي 55 وٽان اوچتو 30 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ نئون ڳوٺ سهتا جا ڪيترائي گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ان کان سوا پوکيل فصل ۽ پيرواڌو وڌڻ قبرستان پاڻي هيٺ اچي ويو. جڏهن ته گهاري جو اطلاع آبپاشي عملدارن کي ڏنو ويو پر عملي مان موقعي تي ڪير به نه پهتو، جنهن ڪري ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل رهيا، پنج ڪلاڪن بعد آبپاشي عملدار مشينري سميت گهاري واري هنڌ پهتا ۽ گهارو بند ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون. هوڏانهن نولکي واهه کي روهڙي ڪينال وٽان بند پڻ ڪرايو ويو، ڳوٺاڻن آبپاشي عملدارن خلاف احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته ڪامورن جي نااهلي ۽ واهه جا ڪپر ڪمزور هجڻ جي ڪري واهه کي گهارو پيو آھي، جنهن سبب اسان جا پوکيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آھن، آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان رسيو آھي. ٻي پاسي صوبائي وزير پير سيد احمد رضا شاهه جيلاني، ايم اين اي جاويد شاهه جيلاني گهاري جو نوٽيس وٺندي چيف انجنيئر سکر بيراج کي فون تي کيس کي گهارو مڪمل بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button